اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي لاءِ ??مورن شهرين کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ف??اهمي اهميت رکندڙ آهي. صدر اها ڳالهه احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. صدر ان ڏس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي هڪ ٽوئيٽ جو حوالو پڻ ڏنو آهي جنهن ۾ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي لاءِ ??رخواستگذارن کي 30 آڪٽوبر تائين درخواستون ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته سمورا شاگرد پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن مستحق شاگرد وقت سر اسڪالرسپ جي لاءِ ??رخواست ڏئي سگهن.