اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين ??ي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين ??ي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 498 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ??ڏه?? ته گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 218 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 155، پنجاب ۾ 8 هزار 725، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 285، اسلام آباد ۾ 2 هزار 844، بلوچستان ۾ 807، گلگت ب??تس??ان ۾ 301، آزاد ڪشمير ۾ 101 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 82 هزار 268ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت ب??تس??ان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي ??ڏه?? ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽي ليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 909 آهي، هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 97 هزار 512 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 306، بلوچستان ۾ 13 هزار 45، گلگت ب??تس??ان ۾ 2 هزار 948، اسلام آباد ۾ 15 هزار 714، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 414، پنجاب ۾ 97 هزار 44 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 41 مريض آهن.