اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) ??ين الپارلياماني يونين جي صدر گيبريلا ڪيووس بيرن پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ??ئي آهي، سينيٽ سيڪريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽر مرزا محمد آفريدي ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن آءِ پي يو جي صدر کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ا??وداع ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته مون کي پاڪستان اچي وڏي خوشي ٿي، آئون پاڪستاني ثقافت ۽ مهمانوازي جون يادون کڻي وڃي رهي آهيان، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، گوادر، لاهور، مري ۽ ٻيا هنڌ پنهنجي تاريخي ا??ميت رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان آءِ پي يو جو هڪ فع??ل ميمبر آهي ۽ هو اميد ڪري ٿي ته پاڪستان آءِ پي يو جي پليٽ فارم تي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.