اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو سنهري حصو بڻجي س??ائ??ن ياد رهنديون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. سينيٽر ش??لي فراز چ??و ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو سنهري حصو بڻجي س??ائ??ن روشن رهنديون. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چ??و ته هن انهن سورن جي ستايل ماڻهن جي زخمن تي مرحم ر??يو جن کي معاشرن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.