اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اين سي او سي جو خصوصي اجلاس پشاور ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن جي ??يزباني خيبرپختونخواهه جي ??ڏي وزير محمود خان ڪئي. اجلاس ۾ اين سي او سي جي خصوصي ٽيم ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کانسواءِ ٻين صوبن جي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قرباني جي عيد جي ??وقعي تي جانورن جي ??نڊين جي حوالي سان ايس او پيز ۽ انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ وبا جي ??وجوده صورتحال کي ڏٺو ويو. عوام جو تفريح ۽ سياحتي ماڳن طرف رخ ڪرڻ جي رجحان ۾ گهٽتائي جي ??اءِ قدمن تي غور ڪيو ويو. سمارٽ لاڪ ڊائون، هاٽ اسپاٽ جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڏني وئي. خيبرپختونخواهه جي ??ڏي وزير محمود خان اين سي او سي جي ??يم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي پشاور اچڻ تي ڀليڪار چيو. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جا خيبرپختونخواهه جي ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته هو ان ڪاميابي جو سهرو پنهنجي سڄي ٽيم جي ??الي ڪري ٿو. وڏي وزير اين سي او سي فورم کي ساراهيندي چيو ته اين سي او سي جو قيام مستقل طور تي رهڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ صوبن سان ڪوآرڊينيشن ڪئي وڃي ۽ ان کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٽوئررزم جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ڇو ته ٽوئرازم خيبرپختونخواهه جي ??عيشت جو اهم حصو آهي. جيتوڻيڪ اين سي او سي جي ??ر فيصلي کي قبول ڪندي ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.