اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ??را??ي جي ميئر وسيم اختر ملاقات ڪئي ۽ ??را??ي جي رهواسين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. هڪ ٽوئيٽ موجب ??را??ي جي ميئر بجلي جي بندش ۽ شهر ۾ ڊگهي وقت جي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وسيم اختر چيو ته شديد لوڊشيڊنگ جي ڪري ??را??ي جي صورتحال خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي، ??را??ي کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي.