اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اين سي او سي ٽي ٽي ڪيو قدمن تحت پاڪستان ۾ ??ور??نا وا??رس جي وڌيڪ پکيڙ وارن علائقن جي نشاندهي ڪئي آهي، سمارٽ لاڪ ڊائون حڪمت عملي تحت وزيراعظم جي ??ور??نا تي ضابطو آڻڻ جي اعلان موجب اين سي او سي پوري پاڪستان ۾ ممڪنه ??ور??نا ڪلسٽرز ۽ هاٽ اسپاٽس جو جائزو ورتو، سڄي پاڪستان ۾ 20 شهرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ??ور??نا جي پکيڙ ۾ ممڪنه طور تي اضافو ٿيو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پابندي جي قدمن جي ضرورت آهي، اين سي او سي جي ذريعي اها ڳالهه صوبن سان شيئر ڪئي پئي وڃي، جي نائن ٽو ۽ جي نائن ٿري ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ ڪيس هئا، ڪراچي ڪمپني سميت انهن علائق?? کي سيل ڪيو ويو هو، اسلام آباد ۾ نئين هارٽ اسپاٽ کانپوءِ هيٺيان علائقا ج?? کي سيل ڪري سگهجي ٿو انهن ۾ جي سڪس، جي سيون، غوري ٽائون، بهاره ڪهو، آءِ ٽين، آءِ ايٽ کانسواءِ مختلف شهرن ۾ جن ۾ اهو وا??رس تيزي سان پکڙجڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو رهيو آهي، اين سي او سي جي ذريعي ضروري پابندي وارن قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽ??، پشاور ۽ راولپنڊي، اسلام آباد، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا،سوات، حيدرآباد، سکر، سيالڪوٽ، گجرات، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، خيرپور، ڊي جي خان، مالاڪنڊ ۽ مردان شامل آهن.