اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي صحت واري شعبي جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادائيگي لاءِ 480.556 ملين روپين جي منظوري سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي ??هي?? اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪامياب جوان پروگر??م جي اهم شرطن ۾ تبديلي جي منظوري به ڏني ??هي?? هاڻي ان پروگرام ت??ت هڪ لک کان وٺي 10 لک روپين تائين، 10 لک روپ??ن کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين تائين ۽ هڪ ڪروڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي ??هي?? اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.