اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غ??يب، لاچار ۽ پٺتي پيل علائقن جي رهواسين کي رليف پهچائڻ وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي، حڪومت مش??ل حالتن ۾ قوم کي اڪيلو نه ڇڏيندي، وزيراعظم جو بلوچستان جو دورو پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ڪورونا جي خلاف جاري قومي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ آ??ي، متحد ٿي چئل??نج تي ضابطو آڻينداسين ۽ سرخرو ٿ??نداسين.