اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم، ادب، فنون لطيفه ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن تي ملڪي ۽ غيرملڪي شخصيتن کي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سول اعزازن سان نوازيو آهي. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي نشان امتياز، هلال امتياز، ستاره پاڪستان، ستاره شجاعت، ستاره امتياز، حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز، ستاره قائداعظم، تمغه شجاعت ۽ تمغه امتياز سان نوازيو ويو. نشان امتياز حاصل ڪندڙن ۾ مح??د نعيم، نذر مح??د راشد (ن م راشد مرحوم) ۽ مجيد امجد (عبدالمجيد مرحوم) شامل آهن. هلال امتياز حاصل ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر انعام الرحمان، ڊاڪٽر قمر محبوب، طاهر اڪرام، روحيل حيات ۽ ڪشور ناهيد شامل آهن. تقريب ۾ ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مح??د غازي عبدالحامد ۽ او??ان سان تعلق رکندڙ شيخ احمد بن حماد الخليلي کي ستاره پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو. ستاره شجاعت جو اعزاز حاصل ڪندڙن مح??د مح??د بخش ٻرڙو، ريش??ان ٻرڙو ۽ برگيڊيئر شفيع الله خان شامل آهن. ڊاڪٽر سيد حسين امام عابدي، راشد رانا، سيد عقيل بل??را??ي، مح??ود الحق علوي (مرحوم) ۽ سل??ان اقبال کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو آهي. حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ سيد تجمل حسين، پروفيسر ڊاڪٽر ياسر اياز، شڪيلا ناز ۽ عرفان الله جان شامل آهن. چوڌري خالد مح??ود (ناروي) کي ستاره قائداعظم جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. تمغه شجاعت حاصل ڪندڙن ۾ مح??د اڪبر خان، آنجهاني اقبال مسيح، عبدالغفار شيخ شهيد، ضياءَ حسين شهيد، تبسم شبير اعواڻ، عرفان احمد خان ??را??ي، اسد الله قريشي، مح??د علي، احمد علي، صادق حسين، نورالدين، ملڪ دارا خان شهيد، مح??د رحيم شاهه، مح??د سعيد شاهه، مح??د وليد صابر خان، وقار احمد، عبدالقهار خان، جميل احمد ڪلهوڙو ۽ عدنان ملڪ شامل آهن. تمغه امتياز حاصل ڪندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر مح??د عابد، مومنه دريد قريشي ۽ اسد مح??ود شامل آهن. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف عل??ي، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، وزيراعظم جي صلاحڪارن ۽ خاص معاونين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن تي سول اعزاز ڏيڻ جي حوالي سان تقريبون صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پن ٿيون، جن ۾ لاڳاپيل صوبن جي گورنرز صدر پاران اعزاز ڏنا.