رياض – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڪستان جو مطلب پاڪستان کي اسلامي فلاحي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، مالياتي خسارو، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت امن ۽ استحڪام جي ??هي، ڀارت سميت پاڙيسري ملڪن سان امن جا خواهشمند آهيون، معدنيات، هائوسنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻاهرين سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين کي قانوني ذريعن سان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ جي لاءِ م??وج??ه ڪيو پيو وڃي. هو سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ”مستقبل ۾ سيڙپڪاري جا موقعا“ جي ??نوان سان ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ ڳالهائي رهيو هو.