لاهور – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون پنهنجي قوم سان واعدو ڪيو آهي ته جيترا به ڪرپٽ م??ڻه?? آهن انهن سڀني کي پڪڙڻو آه??، جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي ملڪ ڌٻڻ مان ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي، اسان کي مشڪل دور مان نڪرڻو آهي، ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙن کي 20 سيڪڙو انعام ڏيڻ جي حوالي سان قانون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ڪرايو ويندو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ايماندار م??ڻه?? ۽ تبديلي جو نالو آهي، پنجاب جي وڏن وزيرن مان عثمان بوزدار سڀ کان ڪامياب وڏو وزير ه??ند??، عثمان بوزدار پٺتي پيل علائقي سان تعلق رکي ٿو، هي پنهنجي علائقي جا مسئلا ڄاڻي ٿو، تبديلي اها آهي ته اسان جو وڏو وزير علاج جي لاءِ ٻاهر نه ويندو، پنجاب جي وڏي وزير کي خبر آهي ته خراب پاڻي پيئڻ سان ڪيترا مسئلا پيدا ٿين ٿا، مون کي يقين آهي ته هي هڪ ايماندار شخص آهي ۽ آئون بي خوف آهيان ته هي بدعنواني نه ڪندو، سڀ کان وڏي بجيٽ پنجاب جي آهي، پنجاب ۾ 10 سالن ۾ 8 هزار ارب رپيا خرچ ٿيا آهن، رڳو لاهور جي سالياني ترقياتي بجيٽ خ??بر??ختونخواهه کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي.