اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ڀلائي بابت ڪيترن ئي اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري، گهرو معاملن واري سيڪريٽري، ڊي جي IMPASS ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي IMPASS ??اران ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر پاسپورٽ جا??ي ڪرڻ جي سهولت بابت جامع بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ اسائلم جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ جا??ي ڪرڻ کي معطل ڪرڻ واري 5 جون 2024ع جي سرڪيولر کي فوري طور تي واپس وٺڻ ??و فيصلو ڪيو ويو. نائب وزيراعظم کي خاط??ي ڪرائي وئي ته سمنڊ پار پاڪستانين جا پاسپورٽ 60 ڏينهن جي اندر جا??ي ڪيا ويندا.