شينزن – 05 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت ??ي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. اها ڳالهه هن صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ??ي پيڪ جي اندر هڪ نئين جدت کڻي آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن جيڪو پاڪستاني معيشت جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ 500 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ شينزن جي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي، بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. هن ٻڌايو ته هتي موبائيل فون مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي اونر سا?? پڻ ملاقات ٿي آهي، سندس فيڪٽري پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اهي پاڪستان مان ايڪسپورٽ ڪندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ وهيڪلز جي حوالي سا?? پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ چيني قيادت سا?? پڻ ملاقات ڪندو، انشاءَ الله انهن قدمن سا?? پاڪستان ترقي ڪندو.