اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته گڏيل قومي مقصدن جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته کيس سياسي قيادت، ادارن، سول سوس??ئٽ?? ۽ نوجوانن جي صلاحيت تي پورو اعتماد آهي?? پنهنجي عوام جي طاقت تي منهنجو پختو يقين ??هي. صدر چيو ته ملڪ کي مُشڪل سماجي، ماحولياتي ۽ معاسي چئلينجز درپيش آهن، اسان جا مسئلا پيچيده ضرور آهن پر انهن جو حل ممڪن آهي، يقين ??هي ته اخلاقي ۽ سياسي سرمائي جي ڪري ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو.