اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارتي ق??بض عملدار پنهنجي غيرقانوني طور تي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دريافت ٿيندڙ ليٿيم ??ي زخيرن جي ڪجهه بلاڪس کي نيلام ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، اهي خدشا آهن ته والاريل علائقي ک??ن ٻاهر جي ڪارپوريشنن کي ڪشميري عوام جي ان قيمتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جا ٺيڪا ڏنا ويندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته قابض عملدارن پاران ڪشميرين کي انهن جي ق??رتي وسيلن جي حق کان محروم ڪرڻ جا قدم قانوني ۽ استحصالي آهن. ترجمان چ??و ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي ان جي ق??رتي وسيلن کان محروم نه هجڻ گهرجي. هن چ??و ته ڪشمير جي ماڻهن جو پنهنجي وطن جي دولت تي سڀ کان وڌيڪ حق آهي جنهن ۾ ليٿيم جهڙي قيمتي ڌات به شامل آهي. ترجمان چ??و ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اهڙي طرح جي استحصالي منصوبن کي رد ڪري ۽ پنهن??ي زمين ۽ قدرتي وسيلن تي ڪشميرين جي حق جو احترام ڪري. ترجمان چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.