اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب پاران ايڇ اي سي کي ڊگري جي تصديق جي حڪمن کي برقرار رکندي شاگردياڻي جي ڊگري جي تصديق کان انڪار تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. صدر هدايت ڪئي ته 7 ڏينهن جي اندر شاگردياڻي جو وقت ضايع ڪرڻ جي ذميوارن جي خ??اف انڪوائري شروع ڪئي وڃي. سويرا آفريدي (شڪايت ڪندڙ) پنهنجي ب?? اي ۽ ڊ?? ايم سي جي ڊگري جي تصديق جي لاءِ ايڇ اي سي کي درخواست ڏني هئي پر کيس ٻڌايو ويو ته جيئن ته سندس ڊگري جو سيشن 2020ع هو، ان لاءِ ان جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته ايڇ اي سي ٻه سالا روايتي طريقيڪار کي مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو هو. تعليمي سال 2019ع کانپوءِ شاگردن کي روايتي ب?? اي ۽ ب?? ايس جي داخلا ڏيڻ جي اجازت نه هئي. جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ ايڇ اي سي وفاقي محتسب ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. بعد ۾ ايڇ اي سي صدر وٽ محتسب جي حڪمن جي خ??اف درخواست ڏني. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ ايڇ اي سي جي نمائندگي کي رد ڪري ڇڏيو. هن مشاهدو ??يو ته شڪايت ڪندڙ کي پشاور يونيورسٽي سيشن 2019 – 2020ع جي لاءِ داخلا ڏني هئي ۽ شڪايت ڪندڙ 01.09.2022 تي يونيورسٽي جو هڪ خط پيش ڪيو هو جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته شڪايت ڪندڙ جو ب?? اي جي ڊگري جي لاءِ سيشن 2019 – 2020ع هو. جيئن ته شڪايت ڪندڙ کي يونيورسٽي پاران سيشن 2019 – 2020ع جي لاءِ داخلا ڏني وئي هئي، ان جي لاءِ شڪايت ڪندڙ جو ڪو قصور نه هو ۽ ان کي يونيورسٽي جي غلطي جو نقصان نه کڻ?? گهرجي. يونيورسٽي ان شاگردياڻي کي رجسٽريشن جي اجازت ڏئ?? ايڇ اي سي جي پاليسي جي خ??اف ورزي ڪئي هئي. هن چيو ته وفاقي محتسب صحيح مشاهدو ??يو آهي ته هڪ ريگيوليٽر جي طور تي اها ايڇ اي سي جي ذميواري آهي ته اها اهو ڏسي ته ڇا ان جي فيصلن تي يونيورسٽيون عملدرآمد ڪري رهيون آهن يا نه جيڪو ايڇ اي سي پاران پنهنجي قانوني ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ناڪامي جي برابر آهي. صدر چيو ته ايڇ اي سي يا يونيورسٽي جي عدم فعاليت سان شاگردن کي تڪليف نه ٿي?? گهرجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ايڇ اي سي يونيورسٽي جي خ??اف ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران شڪايت ڪندڙ کي بنا ڪنهن غلطي جي غيرضروري آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اها ان جي ڊگري جي تصدق نه ڪري رهي هئي. تنهن ڪري صدر ايڇ اي سي جي نمائندگي کي ان مشآهدي سان گڏ رد ڪري ڇڏيو ته ايڇ اي سي کي انهن يونيورسٽين جي خ??اف ڪارروائي ڪر?? گهرجي جيڪي ان جي رهنما اصولن يا هدايتن تي عمل نه ڪري رهيون آهن ته جيئن مستقبل ۾ شاگردن کي ان جي عدم فعاليت جي ڪري نقصان نه کڻڻو پوي. صدر اها هدايت ايڇ اي سي پاران 7 ڏينهن جي اندر شاگرد جي ب?? اي جي ڊگري جي ٽيسٽ ڪرڻ جي هدايت جي وفاقي محتسب جي فيصلي خ??اف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.