اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي ٻه واٽي تي هوندي ايتري وڏي انگ ۾ غيردستاويزي ماڻهن کي رهائش ڏئي پ??هنجي قومي سلامتي ??ي وڌيڪ ٺاهه نه ٿو ڪري سگهي، اسان جو حتمي مقصد هڪ محفوظ، وڌيڪ پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي جوڙجڪ آهي جنهن سان اسان جي پ??هنجي ماڻهن، خطي ۽ دنيا جي لاءِ وسيع تر فائدا هجن. نگران وزيراعظم ”دي ٽيلي گراف“ ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ لکيو ته سڄي دنيا جون حڪومتون تڪرارن، موسمياتي ??بديلين ۽ اقتصادي موقعن سان واڳيل وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي هڪ نئين دور موجب پنهنجو پاڻ کي ان موجب تيار ڪري رهيون آهن. هن چيو ته برطانيا جي حڪومت جو غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي روانڊا موڪلڻ جو منصوبو انهي دٻاءُ جي علامت هو، ان تجويز تي ??خت بحث ۽ اسڪيم کي پ??ڙي تان لاهڻ جي وڏين ڪوششن پاليسي سازن جي لاءِ وڏن چئلينجن جي عڪاسي ڪئي ڇو ته اهي انساني حقن کي سخت حقيقتن سان متوازن ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته فرانس به منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اٽلي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهو يورپ جو پن??هگير ڪئمپ بڻجي سگهي ٿو، تازن سالن ۾ ڪيترن ئي ملين پن??هگيرن جي لاءِ پنهنجون راهون کولڻ کانپوءِ جرمني به دٻاءُ محسوس ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ بدري جي نئين سخت قدمن جو اعلان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آمريڪا ۾ به صورتحال آسان نه آهي جڏهن ته پاڪستان جو مسئلو بلڪل مختلف نوعيت جو آهي، گذريل ٽن کان چئن ڏهاڪن دوران چار کان پن?? ملين جي جي لڳ ڀڳ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ اچي چڪا آهن جيڪي آئرلينڊ جي آبادي جي برابر آهن. نگران وزيراعظم لکيو ته 1951ع جي پ??اهگيرن جي ڪنوينشن (۽ ان جي 1967ع جي پروٽوڪول) تي ??حيحون نه ڪرڻ جي باوجود اسان وڏي دل سان پن??هگيرن کي جڳهه ڏني آهي. هن چيو ته مهمان نوازي پاڪستان جي ڊي اين اي ۾ آهي ۽ هي ملڪ پنهنجي قانوني، اخلاقي ۽ انساني ذميوارين کي پ??رو ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته اسان ڊگهو عرصو جيترن ماڻهن کي جڳهه ڏئي سگهياسين پئي انهن کي هتي ??کڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي جڏهن ته جن جو هتي ??هڻ جو ڪو حق به نه هو انهن کي به رضاڪاراڻي طور تي ملڪ ڇڏڻ جي لاءِ مناسب موقعو ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته رضاڪاراڻي طور تي وطن واپسي جي ڪيترن ئي موقعن جي باوجود ۽ غيردستاويزي رهندڙن کي رجسٽر ڪرڻ جي لاءِ ڪيترين ئي حڪومتي ڪوششن جي باوجود هڪ ذڪر جوڳي انگ مستقل طور تي پ??هنجي حيثيت کي باقاعده بڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جتي پاڪستان ڪيترن ئي محنتي ۽ قانون جي پاسداري ڪندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن مان فائدو کنيو آهي اتي ??ن وڏي انگ جي اچڻ جي مجموعي سماجي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو بليڪ مارڪيٽ ۾ ڪم ڪن ٿا، ڪو ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن، اهي ڏوهاري انڊر ورلڊ جي استحصال جو پڻ شڪار آهن، انهن جا خطي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن سان رابطا به آهن. هن چيو ته آگسٽ 2021ع کان گهٽ ۾ گهٽ 16 افغان شهرين پاڪستان جي اندر خودڪش حملا ڪيا آهن جڏهن ته 65 دهشتگرد ماريا ويا آهن، سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ مارجي ويل دهشتگردن خاص طور تي ??رحدي علائقي ۾ انهن جي سڃاڻپ افغاني طور ڪئي وئي. هن چيو ته ڪا به ذميوار حڪومت اهڙي طرح جي خدشن کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن به اسان اها ڳالهه عبوري افغان حڪومت آڏو اٿاري انهن اسان کي پ??هنجي اندر ڏسڻ جو مشورو ڏنو، اسان آخرڪار پنهنجي گهر کي ترتيب ڏيڻ جي لاءِ انهن جي مشوري تي ??مل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران وطن واپسي جي پروگرام انهن ماڻهن پاران متوقع تنقيد کي پ??هنجي طرف متوجهه ڪيو جيڪي مسئلي جي ڏکئي تاري?? کي نه سمجهندا هئا يا پوءِ زبردستي ملڪ بدري کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ غيرمعمولي ڪوششن جو ادراڪ نه رکندا هئا. هن چيو ته وطن واپس موڪليو ويندڙن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت پروگرام ۾ شامل سمورن عهديدارن کي سختي ??ان هدايت ڪئي آهي ته اهي ڊي پ??رٽ ٿيندڙن جو مناسب احترام ۽ سارسنڀال ڪن، اسان جو زور ماڻهن جي ملڪ بدري نه پر رضارڪاراڻي، محفوظ ۽ باوقار وطن واپسي (انهن جي قانوني طور تي ??اصل ڪيل اثاثن سان گڏ) تي ??هي، افغانستان واپس ويندڙن مان اٽڪل 93 سيڪڙو رضارڪاراڻي طور تي ??ئين ڪيو آهي. هن چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته رجسٽريشن ڪارڊ جي ثبوت لاءِ درخواست ڏيندڙ 1.46 ملين افغانين مان ڪنهن کي به واپس نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهن 8 لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جن وٽ افغان شهري ڪارڊ آهن. هن چيو ته اٽڪل 79 ٽرانزٽ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ مفت کاڌو، پن??هگاهه ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان – افغان سرحد تي ??ضافي ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون آهن. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي سرحدي گذرگاهن تائين وٺي وڃي رهيا آهن، عورتن ۽ ٻارن جو خاص خيال رکيو پيو وڃي، ڪنهن به بدسلوڪي جي اطلاع ڏيڻ جي لاءِ ايمرجنسي هيلپ لائينز دستياب آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ افغانستان مان اولهندي اتحادين جي اوچتو انخلا پاڪستان ۾ پن??هگيرن جي هڪ نئين آمد کي جنم ڏنو، هزارين افغان شهري اهو چئي سرحد پار آيا ته انهن جي جان کي خطرو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر اسان انهن جي ڀلائي کي تمام سنجيدگي سان ورتو، اهو تسليم ڪندي ته ڪجهه کي خصوصي تحفظ جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته اسان خطري ۾ ورتل گروپن، جهڙوڪ موسيقارن، صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي ملڪ بدر نه ڪنداسين جڏهن ته اسان کي ٻين ملڪن جي مدد ج?? ضرورت آهي. هن چيو ته نئين ايندڙن مان رڳو 59033 کي پاڪستان کان ٻاهر آباد ڪيو ويو جڏهن ته 42068 اولهه وڃڻ جا منتظر آهن. هن چيو ته باقي ماڻهو سياسي پ??اهه جي لاءِ ڪنهن کي قائل ڪرڻ وارو ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ انهن پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي پ??هنجو قيام جاري رکيو آهي.