اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ??ضون جي پاڪستان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چل فائونڊيشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ??ضون جي ڪري خصوصي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. و??د صدر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چل فائونڊيشن جي قدمن ب??بت بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي ??ضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي بحالي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. و??د صدر کي فائونڊيشن جي مختلف منصوبن، خصوصي ماڻهن جي ضرورتن ب??بت پڻ ٻڌايو. ان موقعي ??ي صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.