نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ اي?? اي??) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ??ي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ آءِ اي?? اي?? پاران 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ (ايس بي اي) جي منظوري تي ٿورا مڃيا. هن اي?? ڊي آءِ اي?? اي?? کي پاڪستان ??ڪومت پاران ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان ??گاهه ڪيو. نگران وزيراعظم تصديق ڪئي ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وڌيڪ اهو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حفاظت تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو آهي. آءِ اي?? اي?? جي منئيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معيشت جي بحالي جي لاءِ پاليسين ۽ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان ??ي ٺوس ڪوششن کي ساراهيو. هن يقين ڏياريو ته آءِ اي?? اي?? پاڪستان ??ان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.