اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير م??د علي سنڌي پاڪستان جي آزادي تحريڪ ۾ چوڌري ??حمت علي ۽ قاضي محمد عيسيٰ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته انهن اڳواڻن آزادي جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ انهن جي خدمتن کي ڪڏهن ب?? وساري نٿو سگهجي، اهي پاڪستان جا هيرو ۽ ملڪ جي مستقبل جي ليڊرن جي لاءِ هڪ عمده مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي ايم ڊي ڊاڪٽر راجا مظهر حميد سان ملاقات دوران ڪيو. تعليم واري نگران وفاقي وزير م??د علي سنڌي چيو ته ملڪ جي روشن خيال نوجوانن جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪتاب پڙهڻ جو ڪلچر لازمي آهي. هن نيشنل بُڪ فائونڊيشن کي حڪم ڏنو ته ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي ڦهلائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ نيشنل بُڪ گالا منعقد ڪيو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين بشمول سمورين يونيورسٽيز، ڪاليجز ۽ اسڪولز کي شامل ڪيو وڃي، ان جو مقصد ڪتابن ۽ نوجوانن جي وچ ۾ خال کي ختم ڪرڻ هجڻ گهرجي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي معاشري ۾ عدم برداشت تمام و??يڪ آهي ۽ علم ۽ دانش کي ڦهلائي معاشري کي رواداري ??ان وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اين ب?? ايف ملڪ جي نوجوانن ۽ ڪتاب پڙهڻ جي وچ ۾ خال کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري. هن ڪتاب ميلن جي باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽن ڏينهن وارو گالا آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي ۽ ان تقريب جي افتتاح جي لاءِ نگران وزيراعظم کي گهرايو ويندو.