اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ ف??ٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو ??نڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي ق??ئم ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذري?? ڏينهن منهنجي لاءِ انتهائي اطمينان جو ڏينهن هو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آئي) جنهن جو ??صور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪيو ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو. مون پي ڪي ايل آئي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي مدد سان علم جي تخليق، تحقيق جي مرڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذري?? ڏينهن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ ف??ٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو ??نڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي ق??ئم ڪيو ويو آهي، اها رقم غريبن جي مفت علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. هن ڊاڪٽر سعيد اختر، ڊاڪٽر فيصل ڊار ۽ پي ڪي ايل آئي جي ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ عملي سان گڏوگڏ حڪومتي عهديدارن کي انهن جي عظيم قومي خدمتن تي ساراهيو. هن چيو ته اسان گڏجي پي ڪي ايل آئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.