اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته قانون کي ڌوڪو ڏئي ادارن تي حملي آور ٿي ڪيسن کان بچي نٿو سگهجي، پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي بچاءَ ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ان جي گرفتاري جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، پرامن احتجاج ڪنهن به سياسي جماعت يا ڪارڪن جو جمهوري حق آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري تي ڪو احتجاج سامهون نه آيو، عوام کي هر ڀيري بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، عدالتون موجود آهن، الزامن جو جواب ڏيڻ جو سڀني کي حق آهي. بي بي سي ورلڊ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چ??و ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي موجوده گرفتاري جو پاڪستان جي سياست سان ڪو به تعلق ناهي، نه ئي هي سياسي انتقام جي ڪا ڪارروائي آهي. هن چ??و ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ۾ سمورا مرحلا پورا ٿيا، ٽرائل ڪورٽ فيصلو ڏنو جنهن تي کيس گرفتار ڪ??و ويو. ان ڪري ان جو سياست ڪو به واسطو ناهي. هن چ??و ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي دفاع ۾ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان تي الزام هو ته هن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ان کان ريا??تي تحفن بابت پڇ??و و??و ته هو ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو. ان کان علاوه وڌيڪ 4 ڪيس 19 ڪروڙ برطانوي پائونڊن جي چوري، سائفر، 9 مئي جي سانحي ۽ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ به ٽرائل ڪورٽ ۾ آهن. هن چ??و ته توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ فيصلو جاري ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب وفاقي وزير چ??و ته هڪ اهڙي شخص کي کليل ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي جنهن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي. هن چ??و ته عمران خان جي گرفتاري جو چونڊن سان ڪو به تعلق ناهي، ان جي گرفتاري عدالتي حڪمن تي ٿي آهي. هن چ??و ته جڏهن 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي گرفتار ڪ??و ويو هو ته چونڊون بلڪل ويجهو هيون، کيس ڌيءَ سان گڏ گرفتار ڪري جيل موڪل??و ويو هو. هن چ??و ته عمران خان پنهنجي دور ۾ سڀني سياسي حريفن کي جيلن ۾ وڌو. هن پنهنجي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، نيب ۽ ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو، پر اسان ايئن نه ڪيو. هن چ??و ته عدالتون موجود آهن، قانون پنهنجو رستو پاڻ بڻايو ۽ عمران خان قانون کان ڀڄندو رهيو. هو عدالت جي سوالن جو جواب نه ڏئي سگهيو. هن چ??و ته اسان ڏٺو آهي ته جڏهن به عدالت کيس طلب ڪ??و ته زمان پارڪ ۾ صورتحال خراب ٿي، جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ڪ??و ويو، پوءِ 9 مئي جو سانحو پڻ ڏٺو، هن شخص 15 مهينن تائين قانون کان فراريت اختيار ڪئي. هن چ??و ته جڏهن عدالت ڏٺو ته ڪنهن به شڪ شبهي کان سواءِ بدديانتي ثابت ٿي وئي ته هن پنهنجو فيصلو جاري ڪيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چ??و ته قانون ۾ پنهنجي عملن جو جواب ڏيڻو پوي ٿو، ان جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي هوندو. عمران خان 9 مئي جي منصوبا بندي ڪئي، حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، قومي ٺڪاڻن، اسپتالن، ايمبولينسن کي باهيون ڏياريون، هن چ??و ته ڪيپيٽل هل تي به حملا ٿيا ۽ جيڪي ماڻهو ملوث هئا انهن کي سزا ملي چڪي آهي. هن چ??و ته هڪ اهڙو شخص جيڪو عدالت ۾ ڏوهي ثابت ٿي چڪو آهي. ان کي گرفتار ٿيڻو ئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چ??و ته ٽرائل ڪورٽ ۾ جاچ جو عمل مڪمل ٿيو. عمران خان کي 40 پيشين ذريعي ڪافي موقعا ڏنا ويا پر هو فقط 3 پيشين تي پيش ٿيو. هڪ ٻئي سوال تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان جي گرفتاري جي ڀيٽ نواز شريف سان نه ٿي ڪري سگهجي. جڏهن ته نواز شريف تي الزام هو ته هو پنهنجي دفاع ۾ پيش ٿيو. نيب جون 150 پيشيون ڀوڳيون، حساس ٺڪاڻن کي باهيون نه ڏنيون ۽ نه ئي ڪنهن ايمبولينس، اسپتال، مسجد يا اسڪول کي ساڙيو. هن چ??و ته نواز شريف تي جڏهن به الزام لڳو ته هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو. هن چ??و ته قانون کي ڌوڪو ڏئي هيٺاهون ڏيکاري ۽ ادارن تي حملي آور ٿي ڪيسن کان بچي نٿو سگهجي. هڪ سوال تي هن چ??و ته عوام کي هر ڀيري اوندهه ۾ نٿو رکي سگهجي. عمران خان قانون کان بچڻ لاءِ تشدد کي هوا ڏني، پنهنجي ڪارڪنن کي ڀڙڪايو، پوليس، رينجرز ۽ ريا??تي ادارن تي حملي آور ٿيو. ٻارن ۽ عورتن کي ڍال طور استعمال ڪيو. هن چ??و ته اسان کي قومي مفادن تي واضح لڪير ڪڍڻي پوندي آهي. جڏهن ته ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيو، جيڪو به ان ۾ ملوث هو ان کي سزا ڏني وئي. ان لاءِ قومي مفاد ۽ حساس ٺڪاڻن تي حملن جي معاملي ۾ واضح فرق ڪرڻو پوندو. هن چ??و ته عمران خان تسليم ڪيو آهي ته هي سڀ ان جي هدايتن تي ٿيو. عمران خان 9 مئي جي هن پوري واقعي جو ماسٽر مائينڊ آهي، ان لاءِ هيئن نه ٿو چئي سگهجي ته ڪريڪ ڊائون ڪنهن سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي. هن چ??و ته عمران خان پنهنجي چئن سالن ۾ پنهنجي سياسي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، هن پارليامينٽ جون پهرين 2 صفون جيل ۾ بند هيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير عمران خان جي گرفتاري ۾ سياسي پهلو جي عنصر کي رد ڪندي چ??و ته ڪنهن سياسي طرز عمل عمران خان کي ٽرائل ڪورٽ مان پنهنجي دفاع سان نه روڪيو. عمران خان کي ٽرائل ڪورٽ جي 40 پيشين ۾ ثبوت پيش ڪرڻ گهرجي ها پر هو چئي چڪو آهي ته کيس خبر ئي ناهي، جڏهن ان کان ريا??تي تحفن جو پڇون ٿا ته هو چوي ٿو ته ملٽري سيڪريٽري کي خبر هوندي، اهو ئي منهنجي تحفن کي خريد ۽ وڪرو ڪندو هو. جڏهن 190 ملين پائونڊن جو پڇ??و وڃي ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي ڪابينه جوابده هئڻ گهرجي، جڏهن 9 مئي جي فسادن جو پڇو و??و ته چوي ٿو ته منهنجي ڪارڪنن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ئي سڀ ڪجهه ڪيو ۽ جڏهن معيشت جو پڇ??و و??و ته چوي ٿو ته مون وٽ ٽيم سٺي نه هئي. هن چ??و ته عمران خان ملڪ جو وزيراعظم هو ان وٽ اختيار هو هن ذاتي حيثيت سان ريا??تي تحفه خريد ڪيا ۽ کين پنهنجي ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو. کيس ڪنهن روڪيو هو ته هي تحفه ظاهر نه ڪري. جيڪڏهن سڄو معاملو شفاف هجي ها ته سڀ ڪجهه اثاثه ظاهر ڪرڻ واري فارم ۾ موجود هجي ها. وفاقي وزير چ??و ته عمران خان پهرين تحفه وڪرو ڪيا ۽ ان کان پوءِ خريد ڪيا. هن وٽ رسيدون به ناهن. هن چ??و ته عمران خان جي گرفتاري سياسي ناهي، عمران خان ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو. ان جي چوري ثابت ٿي انهي لاءِ کيس گرفتار ڪ??و ويو. عمران خان جي گرفتاري تي ڪارڪنن جي احتجاج بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چ??و ته ماڻهن کي بار بار بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، پاڪستان جو عوام ڄاڻي چڪو آهي ته عمران خان عدالت ۾ ثبوت پيش ڪرڻ کان قاصر رهيو. عوام کي خبر آهي ته سياسي استحصال ۽ انتقام ڇا ٿيندو آهي. هن چ??و ته ماڻهن کي خبر پئجي چڪي آهي اوهان هر شخص کي هر ڀيري دوکو نٿا ڏئي سگهو. هن چ??و ته جڏهن کان عمران خان کي گرفتار ڪ??و ويو آهي ڪو به احتجاج ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. هاڻي هو جيل م آهي. هن چ??و ته جيڪڏهن ماڻهو احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ته کين احتجاج ڪرڻ جي آزادي آهي پر اسان ڪنهن کي به روڊن تي نه ڏٺو. هڪ سوال تي وفاقي وزير چ??و ته اسان سياسي احتجاجن تي گرفتار نٿا ڪيون، اسان هڪ واضح فرق رکيو آهي، اسان عمران خان وانگر فاشسٽ حڪومت ناهي ڪئي، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا. اسان اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جا متاثرن مان آهيون. وفاقي وزير چ??و ته جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته پارليامينٽ جي بئنچن تي پهريون ٻه صفون جيلن پٺيان هيون، ان وقت عمران خان کي عالمي تنظيمن ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن هن تنظيمن اظهار راءِ جي آزادي جي معاملي ۾ اسان جي دور ۾ پاڪستان جي ريٽنگ 7 درجا بهتر ٿي آهي. هن چ??و ته عمران خان جي دور ۾ پوري اپوزيشن جيلن ۾ هئي، اسان ڪنهن اسپتال يا اسڪول تي حملو نه ڪيو. اسان جا ميلن تائين ڊگها پرامن احتجاج ٿيندا هئا پر اسان ڪنهن به عمارت، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، ايمبولينس، اسڪولن، ۽ اسپتالن تي حملا ٿيندي نه ڏٺا. هن چ??و ته هي نئون رجحان آهي مون پهريون ڀيرو ڏٺو ته ڪنهن سياسي پارٽي پيٽرول بمن جو استعمال ڪيو.