اسلام ??باد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام ??ليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪ??ري دوري تي باڪو آذربائيجان پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب باڪو پهچڻ تي آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوف، ??ائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، ??اڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذربائيجان جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم آذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام ??ليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49