پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولا وان ڊيرليين سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزي??اع??م هلندڙ سال 9 جنوري ي جنيوا ۾ منعقد ”ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس“ ۾ شرڪت تي يورپي ڪميشن جي سربراهه جا ٿورا مڃيا. هن يورپي ادارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ج?? پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي آجيان ڪندي يورپي ڪميشن جي سربراهه ک?? پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. جي ايس پي پلس جي اهميت جو حوالو ڏيندي وزي??اع??م ان جي ٽريڪ تي هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. يورپي ڪميشن جي صدر 2022ع جي ٻوڏ کان بحالي ج?? پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. هن جي ايس پي پلس سميت يورپي يونين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري تعاون جي سطح کي ساراهيو.