اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پلاننگ ڪميشن جي جاري ۽ نئين ??نصوبن جي لاءِ 24 ارب 89 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب جاري ترقياتي منصوبن ۾ پلاننگ ڪميشن ۾ اداراجاتي سڌارن جي لاءِ 50 ڪروڙ، سينٽر فار ايڪسيلينس جي لاءِ 25 ڪروڙ، چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور جي لاءِ 20 ڪروڙ، پاليسي اورينٽيڊ پروگرام جي لاءِ 67 ڪروڙ، اينٽگريٽيڊ انرجي پلاننگ جي لاءِ 15 ڪروڙ، انوويشن سپورٽ پراجيڪٽ جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته نئين ??نصوبن ۾ پائيڊ جي لاءِ 70 ڪروڙ، جوڊيشل پراجيڪٽ ريفارمز جي لاءِ 5 ڪروڙ، پوسٽ فلڊ 2022ع بحالي پروگرام جي لاءِ 6 ارب رپين سميت مختلف منصوبن جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن.