بغداد – 07 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? سان ڪربلا جي گورنر نصيف جاسم الخطابي عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين ??ي لاءِ عراق ۾ سهولتن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستاني زائرين ??ي لاءِ عراق ۾ سهولت مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اربعين ۽ عاشور جي ڏينهن ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪس عراق موڪل?? جي آڇ پڻ ڪئي.