اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب ا??ارات سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند اهي، گڏيل عرب ا??ارات جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ا??ڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب ا??ارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ابوظهبي پورٽس جي چيئرمين شيخ احمد د??مو?? المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب ا??ارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ابوظهبي پورٽس جي پاڪستان جي بندرگاهن ۽ شپنگ جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. شيخ احمد د??مو?? المڪتوم چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب ا??ارات جي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي مقصد سان سندس ٻن مهينن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي هر ٻيو دورو آهي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته گڏيل عرب ا??اراتج ي سيڙپڪارن کي هر ممڪن حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد فيصل علي سبزواري، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان ۾ گڏيل عرب ا??ارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي پڻ ملاقات ۾ موجود هو.