اسلام آباد – 16 – فيبر??ري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبر??ري تي ترڪيه جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پ??ري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندو. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سا?? گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ??يسڪيو ٽيمن سا?? گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڏکڻ ترڪيءَ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ وزيراعظم 6 فيبر??ري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ممڪن مدد جي خاط??ي ڪرائي هئي. پاڪستان پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سا?? گڏ بيٺل رهيا آهن. ترڪيه ۾ 6 فيبر??ري تي تباهي آڻيندڙ زلزلي سان هزارين ماڻهو مارجي ويا.