اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري ر??ڻ ۽ تعاون کي ??ڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني ??در شي جن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي هڪ تعزيتي پيغام ۾ چيني ??ڪومت ۽ عوام پاران پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو آهي. چين جي صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته چين دهشتگردي جي خاتمي جي قومي ايڪشن پلان کي ??روغ ڏيڻ، سماجي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري ر??ندو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏي?? تحفظ جي لاءِ پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي ??ڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ??شاور دهشتگرد حملي ۾ جاني نقصان تي تعزيتي پيغام ڏنو آهي. يڪجهتي جي اظ??ار تي وزيراعظم چيني ??در ۽ چيني وزيراعظم جا ٿورا مڃيا آهن.