اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ت??قي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، معاشي ت??قي ۽ نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ سينيٽر ثنا جمالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ سينيٽر ثنا جمالي بلوچستان جي ت??قي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن ۽ گوادر بندرگاهه کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ حڪمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.