اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پا??ستان بابت عالمي ڪانفرنس ايندڙ سومر تي جنيوا ۾ ٿيندي. پا??ستان ڪانفرنس ۾ موسمياتي لحاظ کان ملڪ جي مضبوطي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس جي هڪ سينيئر عهديدار اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پا??ستان ۽ گڏيل قومون گڏيل طور تي ان عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي عالمي برادري ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ پا??ستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي. عهديدار چيو ته پا??ستان دنيا جي سم??رن اهم گادي وارن شهرن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن پاران ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت متوقع آهي. هن چيو ته ان عالمي ڪانفرنس کي پا??ستان جي سفارتي ڪاميابي جي ڏس ۾ پڻ ڏسڻ گهرجي.