اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد ملاق??ت ڪئي ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفد پاران حڪومت کي توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي موجوده معاشي ۽ ڪاروباري صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وفد ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ملاق??ت ڪئي. وفد جي سربراهي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب ڪئي. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي ??زيرا??ظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل ملڪي معيشت جي مڪمل بحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وفد معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ مفيد تجويزون ڏنيون، جن جي آجيان ڪندي ??زيرا??ظم چيو ته گذريل حڪومت جي مجرماڻي غفلت سان گذريل 4 سالن دوران ملڪي معيشت جي ناقابل تلافي نقصان پهتو. جڏهن اسان جي اتحادي حڪومت قومي خدمت جي جذبي تحت ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي بيٺل هئي، اسان هر شعبي ۾ ڀرپور محنت ۽ لڳن سان ڪم جي شروع??ت ڪئي ۽ ملڪي معيشت کي تباهي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو. وزيرا??ظم حڪومت جي ان عزم کي به ورجايو ته اها هر حال ۾ ڪاروباري طبقي جي تعاون ۽ عوام جي حمايت سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اقتصادي ??عاملن ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيرا??ظم جي خاص معاونين طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ??يف بي آر جي چيئرمين عاصم احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.