اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 ڏينهن جي اندر ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان بيت المال جي درخواست رد ڪر?? ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي مارڪ شيٽ ۽ ڊگري ر??ڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن يونيورسٽي کي 15 ڏينهن جي اندر شاگرد کي ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر پ??ڪستان بيت المال کي متاثر شاگرد جي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. شاگرد کي وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پاڪستان بيت المال جي وچ ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ دير جي ڪر?? مارڪ شيٽُون ۽ ڊگري نه پئي ڏنيُون ويُون. صدر چيو ته ليٽ فيس جي ادائيگي جي معاملي کي حل ڪرڻ بدران يونيورسٽي غيرمنصفاڻي طور تي شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪيون، پاڪستان بيت المال پاران فيس سڌوسنئون يونيورسٽي کي ادا ڪئي ويندي هئي، ادائيگي ۾ شاگرد جو ڪو عمل دخل نه هو. صدر چيو ته يونيورسٽي کي چڱي ر??ت معلوم هو ته شاگرد احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪر?? رهيو هو، شاگرد عبادالرحمان (شڪايت ڪندڙ) بي بي اي جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي هئي. يونيورسٽي 122500 رپين جي ر??تن جي ادائيگي ??ه ڪرڻ جي ڪر?? ڊگري ر??ڪي هئي. وفاقي محتسب شاگرد جي حق ۾ فيصلو ڪندي بيت المال کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بيت المال فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو.