اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڪي معاشي صورت??ال جي حوالي سان ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گردش ڪندڙ ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط کي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وزارت جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط جعلي آهي. ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ت?? جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني قدم آهي پر اهو قومي نقصان جو به سبب آهي. غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر هڪ ??ي ذميواري آهي. واضح رهي ت?? جعلي خط ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن ۾ گهٽتائي جو ذڪر آهي.