اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته گڏيل عرب امارات مخصوص شه??ن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين کي ويزائون جاري ??رڻ تي ڪا پابندي ناهي هنئي ۽ انهن کي بليڪ لسٽ ناهي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهون ٿا ته گڏيل عرب امارات پاران پاڪستاني شه??ين کي ويزا جاري ??رڻ تي اهڙي ڪا پابندي نه آهي. پرڏيهي آفيس جو اهو جواب گڏيل عرب امارات پاران مخصوص شه??ن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شه??ين کي ويزائون جاري ??رڻ تي بليڪ لسٽ يا پابندي جي خبرن تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ آيو آهي. ترجمان گڏيل عرب امارات پاران ڪجهه شه??ن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شه??ين کي ويزا فراهم نه ??رڻ جي خبرن جي پڻ سختي سان ترديد ڪئي آهي. گڏيل عرب امارات جي قونصليٽ جنرل ڪراچي بخيت عتيق الرميٿي چيو ته گڏيل عرب امارات جي حڪومت اهڙي ڪا پابندي ناهي هنئي.