اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آم??يڪ?? پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ م??اثر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لا??اپ??، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب ٻنهي طرفن ٻطرفن لا??اپ?? جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بوڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آم??يڪ?? حڪومت جا ٿو??ا مڃيا. هن آم??يڪ?? پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن کي پاڪستان پاران بحالي ۽ م??اثر علائقن ۾ نئي?? سر تعمير جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن آم??يڪ?? پرڏيهي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ نئي?? سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آم??يڪ?? پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئي?? سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آم??يڪ?? انتظاميا جي مسلسل حمايت کي ورجايو.