اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي ۽ پاڪس??ان ۽ چين جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ م??اهمت ۽ تعاون جي معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ پڻ وڌي آهي. وزيراعظم پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪس??ان جو اعتماد جوڳو دوست هو جنهن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. وزيراعظم ۽ چيني سفير تازي اعليٰ سطحي دوري جي اهم نتيجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيندڙ م??اهمت ۽ تعاون جي معاهدن جي بهترين نتيجن جي لاءِ معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.