اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪيه جي دوري تي روانگي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته آئُون ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي رو??نو ٿي رهيو آهيان. وزيرا??ظم چيو ته پاڪ بحريه جي لاءِ ٽئين ملجم ڪارويٽ جهاز جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لاڳاپن جو مظهر آهي. وزيرا??ظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جا رابطا اسان جي حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ترڪ عوام جي گرمجوشي جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين آهي جيئن اسان پنهنجي گهر ۾ هُجُون. وزيرا??ظم چيو ته صدر اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه سا?? پاڪستان سا?? لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شع??ن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.