اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شر??ف ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي جمعي جي صبح اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه روانو ٿي ويو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو. ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏئي وٽ ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب به ڪندا. پنهنجي دوري جي دوران وز??راعظم ترڪيه جي ڪاروبا??ي برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان به ملاقات ڪندو.