اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عر?? امارات سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، گڏيل عر?? امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو ??ڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن گڏيل عر?? امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم يو اي اي سان پاڪستان جي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ??ڪر ڪندي گڏيل عر?? امارات جي ڀائر عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم گڏيل عر?? امارات پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ ان حوالي سان فضائي لنگهه قائم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عر?? امارات سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جا گذريل 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عر?? امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو ??ڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.