نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سط??ي مب??حث?? ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن ??وانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سيپٽمبر تائين جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. ان کانسواءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن ??ميت سڄي دنيا جي مملڪتي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. هن جنرل اسيمبلي جي صدر سي سابا ڪوروسي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئيز، عالمي ادارن ?? عطيو ڪندڙ تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? و??ير مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي ۽ احد چيما پڻ گڏ هئا.