اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور ڪندي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي بئنڪ فراڊ ڪيس ۾ بدانتظامي جو ??مي??ار ??را?? ڏيندي چيو آهي ته بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ شهرين جي نه پر مئنيجر جي ??مي??اري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ايبٽ آباد جي رهائشي عاشق حسين جي اپيل منظور ڪندي چيو ته دوکي سان هڙپ ڪيل رقم صارف کي منافعي سان گڏ واپس ڪئي وڃي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ جي سينيئر انتظاميا بئنڪ برانچ ۾ ايماندار بئنڪ عملدار مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هڪ سادي ۽ اڻپڙهيل صارف کان برانچ مئنيجر 10 لک رپين جي رقم فراڊ ذريعي هڙپ ڪئي هئي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ شهري کي رقم جمع ڪرائيندي ڪوتاهي جو ??مي??ار ??را?? ڏنو هو، محتسب رقم ڪيشيئر بدران مئنيجر کي جمع ڪرائڻ، رسيدن تي صحيحن جي حوالي سان ضابطيڪار جي خلاف ورزي تي شهري کي ريليف فراهم نه ڪيو. صدر چيو ته بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ مئنيجر جي ??مي??اري اهي نه وري اها شهرين جي ??مي??اري آهي، بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪ ۾ ديانتدار عهديدارن جي مقرري ۾ ناڪامي صارفين جي اعتماد کي ٺيس پهچايو آهي. صدر چيو ته فرض جي عدم ادائيگي سان بنا ڪنهن شڪ جي بئنڪ جي ساک کي نقصان پهتو، عملدار پاران بئنڪ برانچ جي اندر دوکيبازي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته بئنڪ ان رقم جي معاملي ۾ ??مي??اري کان آجي نه ٿي ٿي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ه??اي?? ڪئي ته نيشنل بئنڪ حڪمن تي عملدرآمد ڪري ۽ 60 ڏينهن جي اندر وفاقي محتسب کي رپورٽ جمع ڪرائي.