اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ا??ار?? ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي حصي??ار??ن سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ا??ار??، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز، چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن، گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ا??ار?? ۽ صحت جي عالمي ا??ار?? جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي حصي??ار?? کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين با??ت آگاهه ڪيو. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين وزيراعظم کي ورلڊ بئنڪ پاران 350 ملين ڊالر جي فوري امداد با??ت آگاهه ڪيو. هن خصوصي طور تي وزيراعظم جي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ اها امداد هلندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل طور تي فراهم ڪندي. ان کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ نقصانن جي ڪاٿي کانپوءِ ٺوس منصوبابندي سان پاڪستان سان ورلڊ بئنڪ پاران تعاون ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي ذيلي ا??ار?? ورلڊ فوڊ پروگرام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 110 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو جڏهن ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 20 ملين ڊالر ۽ يو ڪي ايڊ 1.5 ملين پائونڊ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو. ان کانسواءِ يو ڪي ايڊ پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي لاءِ 38 ملين پائونڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. عالمي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثرين جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان امداد جي لاءِ عالمي ا??ار?? پاران هن ئي هفتي امداد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته عالمي ا??ار?? ۽ تنظيمن جي مشڪل ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مدد جي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ پنهنجي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻ?? رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل معاشي صورتحال ۾ هجڻ جي باوجود فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ آپريشن ڪر?? رهي آهي، ريسڪيو کانپوءِ حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڪم ڪندي.