اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ا??ارن جي ملازمن ۽ آفيسرن پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ۾ رضاڪاراڻي طور تي عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي اپيل تي اطلاعات واري وزارت ۽ ذيلي ا??ارن جي گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار رضاڪاراڻي طور تي تازين برساتن ۽ ٻوڏ س??ب متاثر عوام جي مدد ??اء?? قائم ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا. جڏهن ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا سڀئي آفيسر پنهنجي 7 ڏينهن جي پگهار پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيو ڪندا. اطلاعات واري وزارت جي ملازمن چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ا??ارن جا ملازم هن مشڪل وقت ۾ حڪومت ۽ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. وزارت جا سمورا ملازم ۽ آفيسر ٻوڏ س??ب متاثر علائقن جي بحالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد ??اء?? وزيراعظم ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي اپيلن تي امدادي رقم فلڊ ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.