اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ۾ پوليو ورڪرز جي ٽيم تي ??هشتگردن جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته قوم جي ٻارن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪري پوءِ ئي ساهه کڻ??دا??ين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??ار?? ڪيل بيان مطابق وزيراعظم ٽانڪ ۾ پوليو ورڪرز جي ٽيم تي ??هشتگردن جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم ٽانڪ جي علائقي ڪوٽ اعظم ڪچي آبادي ۾ سپاهي پير رحمان ۽ سپاهي نثار خان جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف پوليس اهم قربانيون ڏن??ون آهن. شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا. وزيراعظم چيو ته پوليو ورڪرز تي ??ملو ڪندڙ قوم جي ٻارن کي معذور بڻائڻ چاهين ٿا. قوم جي ٻارن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪ??دا??ين. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.