اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ وفاقي وزير ساجد حسين طوري چيو آهي ته بهادر ڪشميرين کي ڀارتي ظ??من ۽ غيرقانوني قبضي جي خلاف جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقع?? تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظ??من جي ??خت مذمت ڪندي هن چيو ته آزادي ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق آهي، گڏيل قومون ڀارتي فوج جي انسانيت خلاف ڏوهن جو نوٽيس وٺي، گڏيل قومون پنهنجي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، اڄ ڪشمير ۾ ڀارتي ڪرفيو، ظلم ۽ ڏاڍ جا ٽي ڪارا ترين سال مڪمل ٿيا، مودي گڏيل قومن جي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي.