اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ سرڪاري اشتهارن جي ورڇ ۾ شفا??يت يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن، باق??عد??ي سان شايع ٿيندڙ اخبارن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان اشت??ار جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اشتهارن جي ورڇ اخبارن ۽ رسالن جي ??پا??ي جي انگ جاچڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام آندو وڃي. اجلاس کي اخبارن ۽ رسالن جي ??پا??ي جاچڻ جي لاءِ فهرست (اي بي سي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ قومي ۽ علائقائي اخبارن ۽ رسالن جي اي بي سي بابت جامع پاليسي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. اخبارن جي باق??عد??ي سان ??پا??ي ۽ انگ جاچڻ لاءِ معاملن تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي (سينٽرل ميڊيا لسٽ) ۾ موجود اخبارن جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ اصولي فيصلو ڪيو ويو ته باق??عد??ي سان شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان اشت??ار جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اشت??ار رڳو باق??عد??ي سان شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي ئي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.