اسلام آباد – 22 – جون (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف ??فغانستان ۾ زلزلي سبب قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون، زلزلي سبب پڪتيڪا جي علائقي ۾ فوتگين تي دلي افسوس آهي، هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، وزيراعظم شهباز شريف ??لزلي ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ مغفرت ۽ سندس پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتي??بي لاءِ دعا ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو.