لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيراعظم ??هبا?? شريف پاران مست??ل حاضري کان ڇوٽ جي ڏنل درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت وزيراعظم ??هبا?? شريف کي پيشي کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عدالت نمبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم ??هبا?? شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي مست??ل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتي. وزيراعظم ??هبا?? شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مقامي ايم پي اي جي درخواست تي ڪئي وئي جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا جي منظوري به ورتي وئي هئي، مون پنجاب جي وڏي وزير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪندي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو، وزيراعظم ??هبا?? شريف چيو ته جڏهن به عدالت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي يقيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميداري به، هاڻي منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز دليل ڏيندي چيو ته شهبا?? شريف جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني، 23 مارچ تي وزيراعظم ??هبا?? شريف واپس آيو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز عدالت کي درخواست ڪئي ته وزيراعظم ??هبا?? شريف کي عدالت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شهبا?? شريف جي مست??ل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته گذريل درخواست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي درخواست داخل ڪئي وئي آهي ته شهبا?? شريف ??اڪ??تان جو وزيراعظم ??هي، عدالت وزيراعظم ??هبا?? شريف جي ڇوٽ لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري. عدالت وزيراعظم ??هبا?? شريف جي حاضري مڪمل ڪئي ۽ وزيراعظم کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهبا?? شريف جي مست??ل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي حاضري کان مستقل معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ وزيراعظم ??هبا?? شريف کي پيشي کان مستقل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت بريت جي درخواست تي وڪيلن کان وڌيڪ دليل گهرندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.